پاڪستانسنڌ

ڏيپلي جي سماجي اڳواڻ جي گم ٿيل ڀا جو نئون ڪوٽ مان لاش هٿ

ڏيپلو/نئون ڪوٽ: ڏيپلو جي رهواسي سماجي اڳواڻ جي گم ٿيل ڀا جو نئون ڪوٽ مان لاش مليو. نئون ڪوٽ ۾ ڪلوئي روڊ تي ميمڻ واٽر وٽان ستون ميل جي سماجي اڳواڻ ڀڳوان مهاراج جي 40 ورهين جي ڀا هريش مهاراج پٽ ڪرشن لال مهاراج جو لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي وئي، جنهن لاش کڻائي مقامي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڏيپلو کڻائي ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪلوئي امين جوڻيجو ميڊيا کي ٻڌايو تـه اطلاع ملندي ئي لاش کڻائي ڏيپلو اسپتال آندو، لاش ملڻ واري هنڌ تان ھڪ ئي پيرو لڳل آهي، لاش ڀرسان شراب جي خالي بوتل ۽ ھڪ زھريلي فصلن کي اسپري ڪرڻ واري دوا پڻ ملي آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. رابطو ڪرڻ تي سماجي اڳواڻ ڀڳوان مهاراج ٻڌايو ته رات کان ڀا گم هو، جنهن جو اڄ صبح جو اطلاع مليو ته لاش پيل آهي. اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. معلوم ٿيو آهي ته فوتي هريش ڪمار ستون ميل شهر ۾ ڪرياني جو دڪان هلائيندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button