پاڪستانرانديون

ڪيويز ٿڏي تي پلاند ڪري ويا، پاڪستان کي ٻي مئچ ۾ 79 رنسن تان شڪست، سيريز برابر

نيوزيلينڊ جي ٽيم ون ڊي سيريز ۾ ڀرپور واپسي ڪندي پاڪستان کي ٻي مئچ ۾ 79 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن بعد 1-1 سان حساب برابر ٿي ويو آهي، سيريز جي فاتح ٽيم جو فيصلو سڀاڻي ٽئين ۽ آخري دنگل ۾ ٿيندو. ڪراچي ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي مئچ ۾ ڪيوي ٽيم پهرين بئٽنگ ڪندي ڊيوڊ ڪونوي جي سينچري ۽ ڪپتان ڪين وليمسن جي 85 رنسن جي مدد سان 50 هين اوور ۾ 261 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان کاٻڙ اسپنر محمد نواز 4 ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه 3 وڪيٽون ورتيون. هدف جي جواب ۾ پاڪستان جي سڄي ٽيم 43 هين اوور ۾ 182 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪپتان بابر اعظم 79 رنسون ٺاهيون پر ٽيم کي ناڪامي کان بچائي نه سگهيو، ٻين رانديگرن مان محمد رضوان 28، سلمان علي آغا 25 ۽ حارث سهيل 10 رنسن تائين محدود رهيا، ون ڊي سيريز جو فيصلائتو دنگل سڀاڻي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button