سنڌ

سنڌ حڪومت هاڻي مڪاني چونڊون نه ٿي روڪي سگهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته چونڊون روڪڻ لاءِ ڪو آرڊيننس ناهي آندو پيو وڃي، سنڌ حڪومت هاڻي مڪاني چونڊون نه ٿي روڪي سگهي. سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مڪاني چونڊون ہاڻ 15 جنوري تي ئي ٿينديون. اُن کان اڳ سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب کي قانوني ۽ آئيني ماهرن سان مشاورت جو ٽاسڪ ڏنو هو.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جي گڏيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو نئون بيان سامهون آيو. شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪوبه آرڊيننس نه پئي آڻي. صوبائي وزير چيو ته فوج پولنگ اسٽيشنز تي اهلڪار مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تڪبندين جو نوٽيفڪيشن ايم ڪيوا يم پاڪستان جي مطالبي تي واپس ورتو هو، اليڪشن ڪميشن اسان جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، امن امان برقرار رکڻ پوليس ۽ رينجرز جي ذميواري آهي. ان کان اڳ ڪراچي ۾ پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جي افتتاح کانپو صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن سميت سمورن آئيني ادارن جو احترام ڪيون ٿا، جيڪي آئيني ادارن جا اختيار آهن، ان تي سنڌ حڪومت عملدرآمد ڪرڻ جي پابند آهي، پر ڪجهه اختيار عدالتن، ڪجهه اختيار اليڪشن ڪميشن ۽ ڪجهه اختيار حڪومتن وٽ هوندا آهن. سنڌ ڪابينا پنهنجو آئيني ۽ قانوني اختيار استعمال ڪندي 10 ون جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو آهي. هن چيو ته 10 ون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۽ واپس وٺڻ جو اختيار سنڌ حڪومت جو آهي. هن چيو ته ڪجهه جماعتن کي ان تي اعتراض هئا. اسان چاهيون ٿا ته سمورين جماعتن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ليول پلي اننگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي مطالبي تي 10 ون جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن قانون تحت سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن کي رد نٿي ڪري سگهي. نه ئي سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو تحريري فيصلو کين ناھي مليو ، ميڊيا جي ذريعي معلوم ٿيو آهي، جڏهن تحريري فيصلو ملي ويندو ته پنهنجي قانوني ٽيم سان مشاورت کانپوءِ عوام کي ٻڌائينداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشنز تي فوج جي مقرري جو اختيار وفاقي حڪومت جي صوابديد آهي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي لکيو هو، جنهن تي وفاقي حڪومت هي چئي ڪري معذرت ڪري ورتي هئي ته پاڪستان فوج جا جوان دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن سمجهي ٿي ته حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج جي ضرورت آهي ته وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري يا سنڌ حڪومت کي متبادل فراهم ڪري. هن چيو ته ڪالهه ڪابينا اجلاس ۾ امن امان تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، آئي جي سنڌ بريفنگ ڏيندي ۾ ڪابينا کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ دهشتگردي جو ٿريٽ الرٽ آهي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٿريٽ الرٽ کانپوءِ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن. سنڌ ۾ به آئي جي سنڌ دهشتگردي جي واقعن جا خدشا ظاهر ڪيا آهن. هن چيو ته آئي جي سنڌ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ 62 هزار پوليس اهلڪارن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين جڳهن تان پوليس جوان هٽائي پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪيون ته خدانخواسته ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي ته ان جو ذميوار ڪير هوندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي جي ڪري اليڪشن ڪميشن کي اڳئي خط لکيو هو، جنهن جو جواب اڃا تائين ناهي مليو. هي خط ڪالهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان اڳ لکيو ويو هو. هن چيو ته انهن ٻن تعلقن ۾ پاڻي اڃا تائين موجود آهي، ماڻهو پنهنجو ووٽ جو حق ڪيئن استعمال ڪري سگهندا. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي گذارش ڪئي آهي ته دادو جي ٻن تعلقن کي ڇڏي باقي تعلقو جوهي، تعلقو دادو، سميت مٽياري، ٽنڊووالهيار، ٽندو محمد خان، ڄامشورو، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ مڪاني چونڊيون ڪرايون وڃن. ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ڌمڪيون ۽ شاهراهه فيصل بند ڪرڻ جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ئي ٻولي سمجهندي آهي ۽ اها پيار ۽ محبت جي ٻولي آهي، ٻي ڪا ٻولي سندن ڪنن ۾ ناهي ايندي ۽ نه ئي ان تي اسين ڌيان ڏيندا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button