پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف اعتماد جو ووٽ نه ڏيڻ تي مومنا وحيد ۽ فيصل فاروق کي شوڪاز نوٽيس موڪلي ڇڏيو

تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ ڏيڻ کان نٽائيندڙ ٻن غير حاضر ميمبرن مومنا وحيد ۽ فيصل فاروق چيما کي شوڪاز نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف پارٽي پاليسي کي پٺي ڏيندڙ ناراض ميمبرن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ دوران غير حاضر رهندڙ مومنا وحيد ۽ فيصل فاروق چيما کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري 14 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ پارٽي چيئرمين عمران خان جي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پارٽي طرفان جاري ڪيل شوڪاز ۾ چيو ويو آهي ته اوهان پارلياماني ميمبر طور پي ٽي آءِ جي پاليسي کان انڪار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button