رانديون

بيلاروس جي سيبالينڪا آسٽريلين اوپن گرينڊ سلم کٽي ورتو

بيلاروس جي ٽينس اسٽار آريانا سيبالينڪا آسٽريلين اوپن گرينڊ سلم کٽي ورتو آهي، جنهن ۾ قزاقستان جي ايلينا ريبڪنا کي شڪست اچي وئي آهي. ميڊيا مطابق آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ قزاقستان جي ايلينا ريبڪنا کي شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. آريانا سيبالنڪا پهرين رائونڊ ۾ ايلينا ريبڪنا هٿان شڪست کائڻ بعد باقي رائونڊ کٽي ڪاميابي ماڻي. جڏهن تھ پهرين رائونڊ ۾ ايلينا ريبڪنا 6 4 تان ڪاميابي ماڻي، باقي ٻن رائونڊن ۾ آريانا سيبالنڪا 6، 3 ۽ 6، 4 تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ياد رهي تھ ڪرونا وبا ۾ والد کي وڃائڻ بعد آريانا سيبالنڪا گرينڊ سلم کٽڻ سان وڏي خوشي ماڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button