رانديون

لاهور ۾ لائٽنگ جو 80 ڪروڙ خرچ، پنجاب حڪومت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور: لاهور ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 8 جي ميچن جي موقعي تي هوٽل کان اسٽيڊيم تائين رستن تي ڪرائي جي لائٽنگ لڳائڻ لا ٺيڪيدار 80 ڪروڙ رپين جو خرچ ٻڌائي ڇڏيو. پنجاب حڪومت جي ذريعن موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لائٽن لاءِ ايڏي وڏي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته صرف ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي 9 ميچن لاءِ سيڪيورٽي رستن تي 80 ڪروڙ خرچ نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن پي سي بي پاڻ لائيٽون خريد ڪري ته 25 ڪروڙ ۾ خريد ڪري سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت 2022ع ۾ ٿيل پي ايس ايل لاءِ ڪرائي جي لائيٽن تي 60 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا هئا، ملتان ۾ ٿيندڙ پي سي ايل ميچن ۾ رينڪل لائيٽن تي به ڪيترائي ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button