رانديون

لاهور ۾ پي ايس ايل مقابلن جي سيڪيورٽي تي 5 هزار پوليس اهلڪار مقرر ٿيندا

پي ايس ايل سيزن 8 جي لاهور وارن مقابلن جي سيڪيورٽي جي پلان کي پوليس حتمي شڪل ڏئي ورتو آهي، جنهن تحت 5 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر ٿيندا. ميڊيا مطابق پي سي بي جي درخواست تي لاهور پوليس سڪيورٽي پلان تيار ڪيو آهي، راندين جي مقابلن دوران نگراني 11 ايس ايس پيز حوالي هوندي. جڏهن تھ 34 ڊي ايس پيز ۽ سوين ايس ايڇ اوز سميت 5 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ڊيوٽين کي ترتيب ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ڊي آئي جي آپريشنز آفضل ڪوثر جو چوڻ آهي تھ ميچن دوران اسٽيڊيمز ۾ رانديگرن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي ڀرپور نموني سان فول پروف سيڪيورٽي ملندي. هن چيو تھ ايليٽ فورس جون 43، ڊولفن جون 107 ۽ پي آر او جون 58 ٽيمون گشت ڪنديون، سيف سٽي جي ڪيمرائن ذريعي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button