پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ جهنگلي جيوت جي تحفظ لا جاڳرتا ريلي،شھر جو گشت

مٺي:مٺي ۾ ولي فائونڊيشن ۽ سول سوسائٽي پاران جهنگلي جيوت جي عالمي ڏهاڙي تي جيوت جي تحفظ لا بلاول پارڪ کان جاڳرتا ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو. ريلي ۾ ولي نهڙيو، حاجي ڪنڀار، عبدالسبحان سميجو، جيلم سنگهھ، آفتاب سميجو، ماما وشن ٿري ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، واپارين، وڪيلن، شاگردن ۽ ضلع انتظاميا جي نمائندن سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جهنگلي جيوت جو تحفظ وقت جي حڪومتن توڙي هر فرد جي ذميواري آھي. ٿر جهنگلي جيوت جي پناهه گاهه ۽ فطرت جي حسين نظارن جو گلدستو آھي. جهنگلي جيوت جي شڪار ۽ نسل ڪشي تي تاحيات پابندي لڳائي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سزا واري قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي. هنن چيو ته سنڌ جو وائلڊ لائف ايڪٽ وارو قانون پراڻو هجڻ ڪري جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي ڪندڙ گروهه يا جوابدار سزا کان بچي وڃن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button