ورڪشاپ: چوٽياري ڊئم مان سرڪاري ڪاٺ جي واڍي کانپوءِ ڊئم اندر زمينون آباد ٿيڻ لڳيون. آر ڊي 72 رانٽو ڪئنال موري کان ھيٺ ڊئم اندر سوين ايڪڙن تي فصل به پوکجي ويو، ايريگيشن ۽ ٻيلي کاتن جي عملدارن قبضا خورن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. ڊئم اندر وڻن جي واڍي کانپوءِ ايڪسيويٽر مشين ۽ ٽريڪٽرن سان بند ڏئي ڌڙا ڌڙ سوين ايڪڙ زمينون آباد ٿيڻ لڳيون آهن. ڊئم اندر آبادي لاءِ بند ڏيڻ سان پاڻي جو رخ ۽ زور بچابند تي پوندو ۽ ڪپرا ڪمزور ٿيڻ ڪري ڪنھن مھل به گھارا پئجي سگھن ٿا. ياد رهي ته مک علائقي ۾ جانورن جي چراگاهن ۽ رھائش لاءِ واحد جڳھه چوٽياري ڊئم بچيل ھئي، جنھن تي به ڪرپٽ ايريگيشن کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ علائقي واسين ڊي سي سانگهڙ، ڊائريڪٽر چوٽياري ڊئم ۽ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري زمين تان فورن قبضا ختم ڪرائي جھنگلي جيوت کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ مالوندن توڙي علائقي واسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close