اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽرول 5 رپيا ۽ ڊيزل في لٽر 13 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن مطابق نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن ۽ اهي قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن لا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نئين قيمت 272 رپيا في ليٽر هوندي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 13 رپيا واڌ بعد 293 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 2 رپيا 56 پئسا واڌ بعد 190 رپيا 29 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close