پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن مينار پاڪستان جلسي ۾ ٻوٽا لتاڙي ڇڏيا، 80 لکن جو نقصان

تحريڪ انصاف جي مينار پاڪستان جلسي سبب لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ کي گهٽ ۾ گهٽ 80 لک رپين جو نقصان ٿيو آهي. پي ايڇ اي طرفان پارڪ ۾ ٿيندڙ نقصانن جي لاءِ سروي شروع ڪيو ويو آهي، لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جي نقصان جو اندازو لڳايو ويو آهي پر حتمي رپورٽ اڄ تائين سامهون اچي ويندي، جلسي سبب گريٽر اقبال پارڪ جا ننڍا وڏا ٻوٽا تباهه ڪيا ويا. جڏهن ته پي ايڇ اي انتظاميه طرفان گيٽن کي لڳايل تالا به پي ٽي آ ڪارڪنن ٽوڙي ڇڏيا. گريٽر اقبال پارڪ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جاويد حامد ميڊيا کي ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جلسي ۾ 40 لک رپين جو نقصان پهتو هو جنهن جي رقم اڃا تائين ادا نه ڪئي وئي آهي، مٿان وري هي ٻيو نقصان ٿيو آهي جنهن جي رپورٽ تيار ڪري تحريڪ انصاف قيادت ڏانهن اماڻي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button