پاڪستانسنڌ

قبيلائي دهشتگردي علم جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، پروفيسر اجمل ساوند جو دردناڪ قتل

ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار جي جهالت هٿان علم جو روشن ڏيئو اجهامي ويو، باصلاحيت استاد، محقق ۽ آ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فرانس ڇڏي پنهنجن کي پڙهائڻ لاءِ سنڌ آيل پروفيسر جي قتل تي سڄي سنڌ جا ساڃاهه وند سوڳ ۾ وٺجي ويا. تفصيل موجب انتهائي قابل استاد ۽ فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ 45 ورهين جو ڊاڪٽر اجمل ساوند سکر کان پنهنجي اباڻي ڳوٺ آيل هو، جتان واپس سکر ويندي ڳوٺ جي ويجھو ئي شالو واري علائٔقي ۾ ھٿياربندن ڪار مٿان فائٔرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب پروفيسر اجمل ساوند گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي دم ڏئي ڇڏيو. قتل جي اطلاع تي ساوند ڌر جا سوين ماڻھو ھٿيار کڻي واقعي واري ھنڌ پھتا، جن لاش کي ڊاٽسن ۾ کڻائٔي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو. اسپتال ۾ ساوند ڌر جا ماڻھو ۽ شھري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، جڏهن ته لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو. مقتول پروفيسر اجمل ساوند جو لاش سول اسپتال ڪنڌڪوٽ مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث سکر کڻائي ويا، جتي جنازي نماز ادا ڪري مڙهه کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ايس ايس پي عرفان سمون مقتول جي وارثن وٽ پهچي تعزيت پڻ ڪئي، جڏهن ته جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مليل ڄاڻ موجب مقتول ڊاڪٽر اجمل ساوند برادري جي چڱي مڙس ڊاڪٽر طارق ساوند جو ڀاءُ هو. ڊاڪٽر طارق ساوند “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀا اجمل جو قتل کليل دهشتگردي آهي، هي فقط هڪ فرد جو نه پر سنڌ جي شعور جو قتل آهي. هن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، ڪچي واري علائقي ۾ سندراڻي ۽ ساوند برادري ۾ ڪارنهن جو جيڪو پراڻو جهيڙو هلندڙ آهي ان سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، سندراڻي ڌر جي ماڻهن منهنجي ڀاءُ کي ناحق قتل ڪيو آهي، قاتلن جا پيرا کڻي مقتول اجمل ساوند جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو هو. هٿياربندن جي گولين جو کاڄ بڻجي ويل پروفيسر اجمل ساوند فرانس مان ڪمپيوٽر سائنسز ۾ پي ڊي اي ڪري آيو هو، جڏهن ته هن وقت سکر آ بي اي يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. مقتول اجمل ساوند هڪ بيوه ۽ 2 پٽ سوڳوار ڇڏيا آهن، سندس هڪ پٽ ريحان اجمل جي عمر 7 سال ۽ ٻئي فرزند ارحم اجمل جي ڄمار 5 سال آهي. ڪنڌڪوٽ ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ سردار خان سندراڻي تي چڙهائي ڪري 5 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته اهلڪارن جوابدارن جي 10 گهرن کي ڊاهي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا، جنهن لاءِ پوليس جو مختلق ٽيمون جوڙيون ويون آهن، اجمل ساوند جي قتل تي دل صدمو پهتو آهي، هو منھنجو ذاتي دوست هو، قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button