
پاڪستاني جي قومي ٽيم جو اڻ اعلانيل هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر نيٺ پاڪستان پهچي ويو آهي. ميڊيا مطابق مڪي آرٿر اسلام آباد ايئرپورٽ لٿو، جتان کيس رهائش واري هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پي سي بي پاران مڪي آرٿر کي قومي ٽيم جو ڊائريڪٽر جون ذميواريون ڏيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي تھ مڪي آرٿر قومي ٽيم جي 20 اپريل تي نيوزيلينڊ خلاف رالپنڊي ۾ رٿيل چوٿين ٽي 20 ميچ ۾ ٽيم جي رهنمائي لاءِ موجود هوندو.