ڳڻپ واري وفاقي اداري ستين آدمشماري جا هيل تائين جا انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪل آبادي 24 ڪروڙ 33 لک 36 هزار 354 کان به وڌي وئي آهي. شماريات جي ترجمان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پنجاب ۾ هيل تائين 11 ڪروڙ 93 لک 1782 ماڻهن جي ڳڻپ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 5 ڪروڙ 59 لک 2 هزار 512 ماڻهو پنهنجي ڳڻپ ڪرائي چڪا آهن. لاهور ۾ هڪ ڪروڙ 21 لک 64 هزار 499 ماڻهن جي ڳڻپ مڪمل، جڏهن ته ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک 641 ماڻهو ڳڻجي چڪا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close