
اٽالين ٽينس ٽورنامينٽ جي اهم رائونڊ ميچن دوران ٽن مشهور ٽينس اسٽارز ويمنز ۾ وانگ زو، ميڊيسن ڪيز ۽ مينز مان مارڪو ڪوچيناٽو کي شڪست ملي آهي، جنهن تي سندن مداح پڻ حيران ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق مينز ۾ جرمني جي رانديگر يابڪ هنفمن مخالف ميزبان رانديگر مارڪو ڪوچيناٽو کي هارايو، ويمنز مقابلن ۾ يوڪرين جي اينهيلينا ڪيلننا آمريڪا جي ميڊيسن ڪيز کي شڪست ڏني، اهڙي ريت چين جي ڪنوين زينگ وري پنهنجي ئي هم وطن وانگ زو کي هارائي ڇڏيو آهي.