کپرو: اڇڙي ٿر ۾ باهه جي ٻيو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ معصوم ڀا ڀيڻ سڙي فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ کپري جي صحرا اڇڙي ٿر جي ڳوٺ تڙ ڇڙاتيون ۾ مزدور سانوڻ راڄڙ جي ڪکائي گھر کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهر ۾ ستل معصوم ٻارڙا ڀا ڀيڻ حليمه ۽ ممتاز راڄڙ سڙي رک ٿي ويا، اھڙي افسوسناڪ واقعي کانپو گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. جڏھن ته 4 ڏينهن اڳ اڇڙي ٿر جي ڳوٺ چنڊائون ۾ باهھ لڳڻ سبب چار معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا هئا. سندس پي بچل راڄڙ زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جيڪو ٻئي ڏينهن ئي فوت ٿي ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close