پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ پٽ گل محمد پوليس خلاف زال مڙس جو احتجاج

ڪڪڙ: ڪڪڙ ويجهو ڪاڇي جي علائقي پٽَ گل محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڀو خان دولتاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل عورت طائره لغاري جي وارثن ما فاطمه لغاري، پيرسن پي عبدالحڪم لغاري ۽ ڀا نوجوان نديم لغاري پريس ڪلب پهچي پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڪجهه وقت اڳ اسان جي نياڻي طائره لغاري کي منير کوسي اغوا ڪيو، ڪورٽ نياڻي انهن حوالي ڪئي ته بااثر مامي بشير لغاري ۽ پريل لغاري ڪاوڙ ۾ اچي اسان جي نياڻي تي ڪارنهن جو الزام هڻي کيس قتل ڪيو، اسان اهڙو ڪيس سندن خلاف پٽَ ٿاڻي تي داخل ڪرايو، پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران ڊي ايس پي جوهي بشير کونهاري ۽ ايس ايڇ او گلزار خشڪ جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي اسان کي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايو آھي، جيڪو ظلم آهي. هنن سيشن جج دادو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي ڪرپٽ پوليس آفيسرن خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button