پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ عورتن جو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ قائم شاهه واسي سيد برادري جي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن توڙي پيرسن مرد سان گڏ پريس ڪلب پهچي مائٽ جي زيادتين ۽ نوجوان کي پوليس هٿان کنڀي گم ڪرائڻ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي بيبي بشيران، بيبي تسليم، پيرسن سھري محمد شاھه، پنهنجي معصوم ٻارڙن بابر شاهه، آصفه شاهه ۽ ٻين دانهيو ته ويجهي مائٽن سان سڱاوتي مسئلو هلندڙ هو، جيڪو معزز ماڻهن حل به ڪرايو، جنهن کانپوءِ حاڪم شاھه، امداد شاهه،ممتاز، راشد، ضامن شاهه ۽ ٻين پوليس کي ڳري رشوت ڏئي اسان مٿان راڌڻ ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو. عدالت مان ضمانت لاءِ ويل نوجوان سجاد شاهه کي راڌڻ پوليس هٿان کنڀي کڻي گم ڪرايو ويو آهي، شڪ آهي ته مخالف ڌر پوليس سان ملوث ٿي ڪري نوجوان کي مارائي ڇڏيندي. هنن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گم ڪيل نوجوان کي ظاهر ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button