
ترڪي ۾ گذريل ساڍن ٽن سالن کان ايم فل ڪرڻ سان گڏوگڏ تدريسي شعبي سان لاڳاپيل ڪالم نگار، بلاگر ۽ ليکڪا صدف شيخ سنڌ جي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ لا ترڪي ۾ قسمت آزمائڻ جو مشورو ڏنو آهي. سنڌ ايڪسپريس سان ڪيل آن لائن ڳالهه ٻولهه ۾ صدف شيخ چيو ته آئون ساڍا 3 سال اڳ ترڪي ۾ اسٽوڊنٽ ويزا تي آيس ۽ آسان پراسيس هو، مون سوچيو ته پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي ڪريان پر هتي مون کي ايم فل ۾ داخلا ملي وئي، آئون هتي پڙهڻ سان گڏوگڏ آمريڪي ڪمپني ۾ نوڪري سان لڳل آهيان جيڪا ترڪي کان آمريڪا تائين ايمازون وانگر ڪم ڪري ٿي. هن چيو ته هر انسان کي نئين جڳهه تي ويندي شروعات ۾ لازمي طور تڪليفن ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پرائي ديس ۾ ٻڙي کان شروعات ڪرڻي پوندي آهي، مون کي به ٻين پريشانين سان گڏ ترڪي ۾ مقامي ترڪش ٻولي سکڻ ۾ ڪافي مسئلا پيش آيا، هتي ائين آهي ته جڏهن توهان کي اها خبر پئجي وڃي توهان پرڏيهي آهيو ۽ ترڪش ٻولي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ نٿي اچي، توهان رڳو انگريزي ٻولي ڄاڻو ٿا ته اتي ئي توهان هن ملڪ ۾ زيرو ٿي ٿا وڃو، اهڙي صورتحال ۾ مون ٻيا سڀئي ڪم ڇڏي سڀ کان پهرين ترڪش ٻولي سکڻ کي ترجيح ڏني، مون ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپ لا همٿايو ۽ ٻاهر ڪڍيو آهي، جڏهن به اهڙي ڪا خبر پوندي آهي ته اسڪالرشپ بابت سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏيندي آهيان، مون کان فيصل آباد جي ٻن ڇوڪرن صلاح ورتي ۽ انهن جي ترڪي ۾ سليڪشن ٿي وئي، ان کان علاوه هڪ ڇوڪري کي مون اٽلي لا گائيڊ ڪيو، پو خبر ناهي سندس ويزا لڳي يا نه، پر آئون هر ممڪن رهنمائي ۽ مدد فراهم ڪندي آهيان. صدف شيخ ٻڌايو ته ترڪي ۾ ايجنٽ نوجوانن کي گائيڊ ڪرڻ کان اڳ صرف ڳالهائڻ جو 100 ڊالر معاوضو طلب ڪندا آهن، ائين مون کان انيڪ ماڻهن ترڪش ٻولي جي سمجهه ۽ ٻين معاملن بابت مفت ۾ مدد ورتي آهي، مون اڄ تائين ڪنهن کان هڪ رپيو به نه ورتو آهي، ترڪي واحد ملڪ آهي، جتي توهان کي ويزا 15 ڏينهن لا ملندي آهي ۽ پو توهان کي ٽي آر سي لا اپلا ڪرڻو پوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ترڪي ۾ سنڌ جي نوجوانن لا ڪنهن وقت ۾ فائدا هئا پر هاڻي هتي به مهانگائي وڌي وئي آهي، بس ائين سمجهو ته هتي به آڻڻ ۽ چاڙهڻ وارو لقا آهي، هر ماڻهو پيٽ گذر ۾ پورو آهي، آئون پنهنجي ئي يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي هئس ۽ گيفڪ يونيورسٽي ۾ اڄ به پڙهائيندي آهيان پر پگهار ڪا خاص ناهي ملندي، ڇو ته مون کي آفيشلي اسٽوڊنٽ ويزا تي نوڪري ڪرڻ جي اجازت مليل ناهي، رڳو پاڪستان نه پر ترڪي ۾ به حالتون بهتر نه آهن، هتي جي ويزا 51 هزار رپين ۾ لڳي ٿي، 170 يا 180 ڊالر آفيشل في آهي پر ايجنٽ مختلف ماڻهن کان 3 هزار ڊالر کا 4000 ڊالر تائين وصول ڪندا آهن. ترڪي بابت سٺي ڳالهه اها آهي ته هتي ماحول تمام سٺو آهي، ماڻهو پڙهائي سان گڏوگڏ ڪمائي به وٺي ٿو.