قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته انتھاپسندي واري سوچ جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ٿيو آھي، روشن خيال فڪر وارا ماڻھو اڳتي اچڻ نه ڏنا ويا، دنيا جو ڪو به مذھب ڪنھن بيگناھه شخص کي قتل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، اسلام ۾ برابري جي پيغام آھي. اهڙو اظهار هن حيدرآباد جي ھڪ ھوٽل ۾ سماجي تنظيم سينٽر فار سوشل جسٽس پاران مذھب جي جبري تبديلي ۽ انساني حقن جي تحفظ بابت سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران اقليتن جو تحفظ نٿا ڪن ته اسان تي به انھن لا آواز اٿارڻ جي ذميواري آھي، اسين سڀ ھن سماج ۾ جوابدار آھيون، ڀارت سان 1965ع واري يا ٻي ڪا جنگ دراصل ٻن ملڪن جي جنگ آھي، اھا مسلمانن ۽ ھندن جي جنگ ناھي. روس ۽ افغانستان جي جنگ ڪفر ۽ اسلام جي جنگ ناھي، اصل ۾ اھڙو ماحول ٺاھيو ويو، جنھن ۾ سي آئي اي، پينٽاگون ۽ ضيا الحق شامل آھن، ھتي اسان وٽ ھر شئي کي مذھبي ٽچ ڏنو وڃي ٿو، پاڪستان ۾ ھندو، ڪرسچن ۽ ٻيا برابر جا شھري آھن، اسان وٽ انھن جا قانون ۽ آئين ۾ برابر جا حق آھن. هن چيو ته اسان وٽ انتھاپسندي واري سوچ جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ٿيو آھي، اسين وڏي معاشي ۽ اقتصادي طاقت بڻجي سگھياسين ٿي پر روشن خيال فڪر رکندڙ ماڻھن کي اڳتي اچڻ نه ڏنو ويو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي اقليتن کي نشانو بڻائن ٿا انھن کي ٽڪيٽون، اختيار ۽ تحفظ پيپلز پارٽي ڏئي ٿي، جن ننڍي عمر جي ٻارڙين کي ڊرائيونگ لائسنس به نٿو ڏئي سگھجي انھن جو زبردستي مذھب تبديل ڪيو وڃي ٿو، حڪمران جيڪڏھن اھڙن ماڻھن کي گرفتار ڪري ڪو مثال قائم ڪن ها ته سنڌ ۾ نياڻيون تحفظ ۾ ھجن ھا، آئون مطالبو ڪريان ٿو ته نياڻين جي شادي جي عمر 18 سال ھجڻ گھرجي، ڪو به جيڪڏھن مذھب تبديل ڪرڻ چاھي ته اھو ڪنھن گادي نشين اڳيان نه پر سيشن جج اڳيان پيش ٿئي، سيمينار ۾ ڳالهائيندي سماجي تنظيم جي اڳواڻ پيٽر جيڪب چيو ته هلندڙ سال جي چار مهينن ۾ جبري مذهب تبديل ڪرڻ جا 39 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، ان مان لڳي ٿو ته حڪومت هندو ۽ مسيحي برادرين جي عورتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. صحافڻ وينگس چيو ته سمورن شهرين جا برابر آئيني ۽ انساني حق آهن، ملڪ جي آئين ۾ اڻبرابري نه هئڻ گهرجي، جبري مذهب تبديلي سان پٺتي پيل طبقن جا حق کسجي رهيا آهن. ان موقعي تي بشپ ڪليم جان، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، ايڊووڪيٽ سنيل شتروگهن، رچنا مهيشوري، ايم پرڪاش، پشپا ڪماري، پرديپ ڪمار سميت مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close