پاڪستانسنڌ

سکر جي جوڙي جو ڌمڪيون ملڻ خلاف مقصودي رند ۾ مظاهرو

مقصودو رند: سکر واسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي غلام عباس جمالي ۽ نسيم بيگم جمالي پنھنجي ٻارن ۽ پيرسن ما سان گڏ تحفظ لاءِ مقصودي رند ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نسيم بيگم جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 12 سال اڳ امتياز علي جمالي سان شادي ٿي ھئي، جنھن مان مون کي 4 ٻار آھن، بعد ۾ مون کي امتياز علي جمالي غلط ڪم لا چوندو ھو ۽ تشدد ڪندو ھو، نيٺ مون کي طلاق ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو، جنھن بعد مون غلام عباس جمالي پٽ غلام نبي جمالي سان پسند جي شادي ڪئي، جنھن تان هاڻ اڳوڻو مڙس امتياز علي، مائٽ فدا حسين، الله ڏنو، سڪندر علي، علي مردان، علي نواز مون کي ۽ مڙس غلام عباس جمالي کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٻار کسڻ چاهين ٿا. منهنجي ما مون سان گڏ آهي، مڙس غلام عباس جمالي تي ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا آهن. هن ايس ايس پي سکر ۽ سانگھڙ کان گهر ڪئي ته اڳوڻي مڙس ۽ ٻين خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button