پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ڪار واش سروس تي ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

مٺي: مٺي بس ٽرمينل وٽ ڪار واش سروس تي ڪم ڪندڙ 22 سالن جو نوجوان ملازم دليپ پٽ ٻسرو ڀيل بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي. فوتي نوجوان مٺي ڀرسان ڳوٺ ٻگهار جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو ڪار واش سروس تي مزدوري ڪري ٻارن جو پيٽ پاليندو هو، سندس مڙھه اباڻي ڳوٺ ٻگهار روانو ڪيو ويو، جتي لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button