پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم پوليس شاگردياڻي تي تيزاب هاريندڙ جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ شادي کان انڪار تي تيزاب سان ساڙي زخمي ڪيل شاگردياڻي جي ڪيس ۾ پوليس مک جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، جنهن خلاف وارثن، سول سوسائٽي ۽ سڄاڻ ڌرين احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي بڙدي پاڙي ۾ ھڪ ھفتو اڳ جوابدار پاران شادي کان انڪار تي 9 ڪلاس جي شاگردياڻي مسڪان سومرو تي تيزاب ھاري کيس زخمي ڪندڙ جوابدار نويد سومرو تي ايف آئي آر داخل ھئڻ باوجود پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف شاگردياڻي جي وارثن، سول سوسائٽي، مذھبي سياسي، سماجي ڌرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ناري جي ما اسما سومرو، ڪامريڊ محمد خان پنھور، باغي مجاھد ٿھيم، زبير ماڪوڙاڻي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته مسڪان سان ظلم ٿيو آھي، شادي کان انڪار تي جوابدار مٿس تيزاب ھاري حملو ڪيو، جنھن سبب سندس ٻانھن ۽ اک سخت متاثر ٿي آھي، ايس ايس پي سانگھڙ 4 ڏينھن جي مهلت ورتي، پر 8 ڏينھن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهي ڪيو ويو. ھنن دانھيو ته جوابدار نياڻي کي اڃان به موتمار ڌمڪيون پيو ڏي، ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي. ھنن چتا ڏنو ته جيڪڏھن جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button