پاڪستانسنڌ

هڱورجا ۾ مغوي ٻارڙي جي بازيابي لا هڙتال، مختلف ڌرين جي ريلي، ڌرڻو

ھڱورجا: ھڱورجا ڀرسان ڳوٺ موريل ڀٽو مان اغوا ٿيل چار سالن جي معصوم ٻارڙي جعفر ڀٽو کي 72 ڏينھن گذرڻ باوجود خيرپور ضلعي جي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، جنهن خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي شوڪت نوناري، صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ، ياسين راڄپر، سنڌ صحافي سنگت جي وائيس چيئرمين بچل ھڱورو، قومپرست اڳواڻن ڊاڪٽر نذير کوکر، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار ۽ صحافي زويا ملاح جي اڳواڻي ۾ مڇر چوڪ کان سخي ناصر شاهه گيٽ قومي شاھراهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي ۾ خيرپور، گمبٽ، محرابپور، کھڙا، سيٺارجا، ڪنب، سوئي گيس، سڳيون سوڀوديرو ۽ ٻين شهرن جي صحافين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته واپارين ۽ دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي شديد گرمي ھجڻ ڪري شھر اندر واپاري اڳواڻن اڪبر جماڻي، سليم شيخ ۽ منير شيخ پاران ريلي جي رستي ۾ شربت جون سبيلون لڳايون. ريلي ۾ معصوم جعفر ڀٽو جي امڙ نوربانو، پي صادق ڀٽو پڻ شريڪ ٿيا. ريلي ۾ مغوي ٻارڙي جي ما لڙڪ لاڙيندي رهي، جنهن ڪري شهرين ۽ صحافين جون به اکيون ڀرجي آيون. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھڪ ما جو چئن سالن جو معصوم پٽ 72 ڏينھن کان ظالمن جي قيد ۾ آھي، پر خيرپور پوليس معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي آھي، وارثن کي روزانو ڪوڙا دلاسا ڏنا وڃن ٿا، ڪنهن وڏيري يا ڀوتار جو پٽ هجي ها ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بازيابي لا ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏين ها، پر افسوس جو جعفر ڀٽو هڪ غريب پورهيت جو پٽ آهي. هنن چتا ڏيندي چيو ته جعفر ڀٽو کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button