اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف جي ما طرفان عمران کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد : سينيئر صحافي ارشد شريف شهيد جي ما جي وڪيل شوڪت عزيز صديقي طرفان سپريم ڪورٽ کان جي آءِ ٽي سربراهه سميت 5 ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي حڪم ڏيڻ جي گذارش ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل الڳ درخواست ۾ ارشد شريف جي ما اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، فيصل واوڊا، سلمان اقبال، مراد سعيد ۽ عمران رياض کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي. درخواست ۾ مؤقف اختيار ويو آهي ته ارشد شريف قتل بابت انهن سمورن ماڻهن کان شاهديون حاصل ڪيون وڃن. ارشد شريف جي امڙ طرفان پنهنجي ڌار درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو آهي ته ڪيس جي حساسيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ جي قدمن کي ساراهيان ٿي. ارشد شريف قتل جي جاچ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سازش سان شروع ڪئي وڃي، ڪيترن ئي ماڻهن ارشد شريف جي قتل جي سازش جي باري ۾ ڄاڻڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. فيڪسٽ فائينڊنگ ڪميٽي رپورٽ ۽ نه جي آءِ ٽي رپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button