سوئي سدرن گئس ڪمپني جي اختيارين جي خاص هدايتن تي سوئي سدرن گئس ڪمپني ماتلي اسپيشل ٽيم ٽنڊو غلام علي شهر ۾ ٻئي ڏينهن بينظير ڪالوني، نوتڪاڻي چوڪ ۽ ڪورٽ چوڪ وٽان رٻڙ جي پائيپن ذريعي هلندڙ گيس جي ناجائز ڪنيڪشن خلاف سب ڊويزنل مئنيجر نياز حسين دلواڻي جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هڻي موقعي تي 107 ڪنيڪشن غير قانوني ڄاڻائي ڪاٽا ڪري رٻڙ جا پائيپ ۽ ٻيو سامان ضبط ڪري ورتو. اسپيشل ٽيم جي سربراهه نياز حسين دلواڻي علائقي واسين کي هدايت ڪئي ته ٻيهر ناجائز طور گيس چوري لا رٻڙ جا ڪنيڪشن استعمال ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ اصل مالڪن جا گيس ڪنيڪشن ڪٽي ملوث واهپيدارن کي جيل جي هوا کائڻي پوندي. اسپيشل ڇاپا مار ٽيم ۾ عمران خاصخيلي، محمد اقبال خاصخيلي، مبارڪ سهتو، سجاد ميمڻ ۽ افسار ميمڻ به گڏ موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close