سنڌ

“پگهارون وڌايو” حيدرآباد ۾ روينيو كاتي جي سوين ملازمن جو احتجاجي مارچ، ڌرڻو

حيدرآباد ۾ روينيو کاتي جي سوين ملازمن پگهارن ۾ 100 سيڪڙو واڌ، گروپ انشورنس ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لا مختيارڪارن، سب رجسٽرارن ۽ ڪلارڪن سميت يونين جي مرڪزي صدر سردار علي شاھه جي اڳواڻي ۾ روينيو آفيس شھباز بلڊنگ کان ٿڌي سڙڪ تائين احتجاجي مارچ ڪيو، جنهن جي آخر ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. جنھن سبب ٿڌي سڙڪ تي گاڏيون وڏي انگ ۾ بيھي ويون، ملازم پنھنجي مطالبن جي مڃتا لا نعريبازي به ڪندا رهيا. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالھائيندي سردار علي شاھه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته مھانگائي جي صورتحال کي سامھون رکندي حڪومت کي بجيٽ ۾ پگھارون 100 سيڪڙو وڌائڻ گهرجن، روينيو کاتي جي ملازمن کي گروپ انشورنس ڏئي ٻيا سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن. هنن چيو ته جيڪڏھن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button