ڪراچي: عربي سمنڊ ۾ اٿيل سامونڊي طوفان بائپرجوائي پاڪستان ۽ ڀارت ڏانهن رخ تبديل ڪري ڇڏيو. چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڏکڻ اوڀر عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان بائيپرجوائي رخ تبديل ڪري هاڻي اتر ۽ اتر اوڀر طرف وڌي رهيو آهي. چيف ميٽولوجسٽ موجب ڀارت ۽ پاڪستان جا سامونڊي علائقا به ان ٽريڪ ۾ اچن ٿا، طوفان ايندڙ ٻن ڏينهن تائين اتر ۽ اتر اوڀر واري ٽريڪ تي رهندو. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان 1120 ڪلوميٽر پري آهي. اهو چوڻ تمام جلد هوندو ته طوفان ڪهڙن سامونڊي علائقن کي متاثر ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close