پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ نشئي ويڳي پي 3 ورهين جي پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ملير جي سعوديه ڪالوني ۾ نشئي ويڳي پي 3 ورهين جي ويڳي پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو. اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معصوم ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال پهچايو. ان حوالي سان ايس ايڇ او کوکرا پار حڪمت الله ٻڌايو ته شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته 3 ورهين جي ٻارڙي عبدالهادي کي سندس ويڳي پيءُ اسلم گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، جڏهن اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن معصوم ٻارڙي جي ماءُ گهر ۾ موجود نه هئي. ٻارڙي جي ماءُ جو چوڻ آهي ته مڙس اڪثر منشيات وٺڻ لاءِ پئسا گهرندو هو ۽ نه ڏيڻ تي پٽ کي مارڪٽ ڪندو هو، هن چيو ته هو گهر پهتي ته پٽ بيهوش پيل هو، جنهن کي اسپتال کڻي ويس ته ڊاڪٽر پٽ جي موت جي تصديق ڪئي. هوڏانهن پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button