پاڪستانسنڌ

زهرا ڪنڀر سان ٻن ڄڻن جي زيادتي جو انڪشاف، جوابدار جيل حوالي

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ گلشن مھر ڪالوني ۾ ھڪ ھفتو اڳ جنسي زيادتي بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل 10 ورھين جي نينگري زھرا ڪنڀر واري ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. گرفتار جوابدار قادر بروهي نينگري زهرا کي زيادتي ۽ قتل ڪرڻ ۾ محمد بروهي جي ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. مقصودو رند پوليس جوابدار قادر بروھي کي شھدادپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جوابدار ڏوھه جو اعتراف ڪيو. بعد ۾ ميڊيا آڏو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته زهرا سان دوستي هئي، ساڻس زيادتي دوران محمد بروهي ڏسي ورتو، جنهن بعد محمد بروهي پڻ زهرا سان زيادتي ڪئي، جنهن بعد زهرا پيرن تي نه بيهي سگهي، ان ڪري اسان کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو، زهرا سان اڳ به زيادتي ڪئي ۽ اسان پاڻ ۾ ڀڄي شادي ڪرڻ چاهي پئي. بيان بعد عدالت جوابدار قادر بروهي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف سنڌ عوامي سٿ جي چيئرمين مهر ڊٻائي مقصودي رند پهچي معصوم نياڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نينگري زھرا ڪنڀر جو واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو آھي، گرفتار جوابدار کي ڦاهي ڏني وڃي، جاچ ڪري جوابدار جي سھولتڪارن کي به سخت سزا ڏني وڃي، سنڌ ۾ امن امان جي حالت تمام خراب آھي، ڪچي ۾ معصوم ٻارن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، اتي ڌاڙيلن جو راڄ آهي ۽ پوليس بيوس آھي. ان موقعي تي سٿ جو جنرل سيڪريٽري احسان علي جمالي موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button