عمرڪوٽ جي ويھرو باءِ پاس ڀرسان ٿر انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۽ الائيڊ ھيلٿ سائنسز ۾ عمرڪوٽ جو آواز فورم پاران دي پيراگون اڪيڊمي حيدرآباد ۽ ٿر انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۽ الائيڊ ھيلٿ سائنسز جي سھڪار سان ضلعي عمرڪوٽ جي سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ پي ايم ايس ڪميشنز ڏيندڙ شاگردن کي ڄاڻ فراھم ڪرڻ ۽ حوصلا افزائي لاءِ فري آگاھي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنھن دوران سيمينار جي اسپيڪر سامارو جي اي سي اياز حسين مشوري ليڪچر ڏيندي چيو ته اھڙا پروگرام منعقد ڪرائڻ سان نوجوانن کي شعور ملندو، محنت کانسوا اوھان ڪنھن به ڪم ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگھو، ٿورو وقت پنھنجي امتحانن لا پڙھائي ڪرڻ گُھرجي، جيڪا به پڙھائي ٿئي ٿي، ان کي ياد رکيو وڃي. اي سي ڪنري جنيد عالم چيو ته اسان پنھنجي پڙھائي واري وقت ۾ دل ۽ جستجو سان لائبريري ۾ وڃي مطالعو ڪيو، مختلف ڪميشنز جا ڪتاب پڙھڻ گھرجن ۽ مختلف انگلش اخبارون پڙھڻ گھرجن. سيمينار دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي اي سي اياز حسين مشوري ۽ اي سي جنيد عالم چيو ته ھر ماڻھو پنھنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو آھي. سيمينار ۾ گورنمينٽ بوائز ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر عبدالرئوف سومرو ۽ پروفيسر ممتاز سومرو اي سي اياز حسين مشھوري ۽ اي سي ڪنري جنيد عالم کي شيلڊون ڏنيون ويون. عمرڪوٽ جو آواز فورم جي اڳواڻ عبدالڪريم تبسم مڱريو، پروفيسر عبدالرئوف سومرو، پروفيسر ممتاز سومرو، شوڪت علي سومرو، پروفيسر پرتاب راء ميگھواڙ ۽ ٻين اي سيز ۽ نامياري وڪيل ميان گل منير ولھاري کي اجرڪ ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close