پاڪستانسنڌ

ٿرڙي ۾ بااثر جي تشدد جو شڪار پيرسن وٽ ايس پي پهچي ويو، ڪيس داخل

ڪڪڙ ويجهو ٿرڙي جادو شهيد ٿاڻي جي حد ڳوٺ رتو سولنگي ۾ مبينا کَٽَ چوري جي الزام هيٺ بااثر پاران 70 سالن جي پيرسن غلام نبي سولنگي جي تذليل ۽ تشدد ڪرڻ واري واقعي بعد ايس ايس پي دادو عبدالخالق پيرزادو پيرسن وٽ ڳوٺ پهتو ۽ پيرسن غلام نبي سولنگي کان عيادت ڪري ڄاڻ ورتي، ايس ايس پي پوليس کي بااثر شخص مجاهد شاهي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٿرڙي جادو شھيد پوليس پيرسن جي ڀائيٽي نثار احمد سولنگي جي فرياد تي بااثر مجاهد شاهي ۽ حاڪم شاهي سميت ٻن نامعلوم جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري ورتو، جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪندي هڪ جوابدار حاڪم شاهي کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا، پر جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آھي. ياد رهي ته بااثر شخص مبينا کَٽ چوري جو الزام هڻي 70 سالن جي پيرسن غلام نبي سولنگي کي رسن سان ٻڌي کيس جي تذليل ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button