پاڪستانسنڌ

پسند جي شادي جي خواهشمند عورت ۽ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گومندو جي ڍاڻي ۾ پرڻيل نوجوان 25 ورهين جي لجپت پٽ موتي ڀيل ۽ پشپا ڌي جڳو ڀيل گڏجي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي پوليس واقعي واري ڳوٺ پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي سرڪاري اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان ۽ ناري ڪافي وقت کان هڪٻئي سان پيار ڪندا هئا، هڪ ئي ڳوٺ جا هجڻ توڙي هندو برادري جي ريتن رسمن موجب ويجهن رشتن ۾ شادي جي پابندين سبب پيار ۾ ناڪام ٿيڻ سبب هنن اهڙو قدم کنيو. نوجوان جي وارثن موجب نوجوان اسلام ڪوٽ ۾ هڪ سيٺ جي دڪان تي مزدوري ڪندو هو، نوجوان کي هڪ پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. جڏهن ته پشپا جي 10 ڏينهن اڳ ڳوٺ ماناڻي ۾ شادي ٿي هئي، جيڪا شادي بعد مائيٽن ۾ گهمڻ لا آيل هئي. ڳوٺاڻن موجب نوجوان ۽ ناري آپگهات ڪرڻ کان اڳ گهروارن کي ماني ۾ نشي واريون گوريون وجهي کارايون، جنهن بعد ٻئي ڄڻا گهرا نڪري جهنگ ۾ ويا، جتي هنن 10 کان وڌيڪ وڻن جا چڪر لڳائڻ بعد نيٺ هڪ ڄار جي وڻ تي چڙهي ڪنڌ ۾ رسو وجهي گڏيل طور آپگهات ڪيو. ان سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ پوليس موجب اطلاع تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا آهن. ناري توڙي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪنهن تي به شڪ ناهي، ڇوڪري توڙي ڇوڪري پاڻ خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ ڪابه قانوني ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن واقعي بعد فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام متل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button