سنڌ سرڪار سڄي صوبي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 1500 نوان ليڪچرار ڀرتي ڪرڻ، 23 نوان ڪاليج کولڻ، 57 پرائمري اسڪولن کي مڊل، 15 مڊل اسڪولن کي سيڪنڊري ۽ 150 اسڪولن کي هائير سيڪنڊري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، بجيٽ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل اسڪولن جي بحاليءَ لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته اسڪول ايجوڪيشن جي بجيٽ 13 ڏهائي هڪ سيڪڙو وڌائي 267 ڏهائي 6 بلين رپيا ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت 646 اسڪولن جي بحالي ۽ تعمير لاءِ 7659 ملين رپين جي چائنيز گرانٽ جو ڌيان ڇڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. 3011 ملين رپين جي لاڳت سان فلڊ ريسٽوريشن پروگرام ۽ سنڌ ڊولپمينٽ ٿرو اينهانسڊ ايجوڪيشن پروگرام تحت پنجن ضلعن ۾ 112 تباهه ٿيل اسڪولن کي ماحول دوست انفراسٽرڪچر سان بحال ڪيو ويندو. سنڌ ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پورٽ فوليو تحت برساتن سبب تباهه ٿيل موجوده اسڪولن جي مرمت/ بحالي بابت 46 نيون اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن، جن تي 4416 ڏهائي 257 ملين رپيا لاڳت ايندي، جڏهن ته متاثر ٿيندڙ اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ 45 اسڪيمن تي 20 ڪروڙ رپيا وقف ڪيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close