سنڌ

سنڌ جي عوام لا سفري سهولتون، 500 نيون بسون خريد ڪرڻ جو اعلان

سنڌ جي بجيٽ ۾ مختلف شهرن لا نيون 500 بسون خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن لا حڪومت 10 ارب رپيا رکي ڇڏيا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ۾ چيو ته عوام کي سفر جون سستيون، محفوظ ۽ جديد سهولتون ڏيڻ لا ڪوشش ڪري رهيا آهيون، انٽرا ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس لا بجيٽ ۾ 6 ڏهائي 1 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ٽرانسپورٽ جي مينٽيننس جي مد ۾ 2 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، جڏهن ته 500 هائبرڊ بسن جي خريداري لا ڏهه ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي, ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ جديد بس اڏا پڻ قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي سفر جون سهولتون ڏنيون ويون آهن، نون روٽن تي 60 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا، روزاني 250 هائبرڊ بسن ذريعي ساڍا 3 لک ماڻهو سفر ڪري سگهندا، جڏهن ته گرين لائن ذريعي 50 هزار مسافر سفر ڪري سگهندا. سنڌ بجيٽ ۾ ملير ايڪسپريس وي مڪمل ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button