ڄامشورو: پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند ۽ صدام لاشاري جي قتل واقعن، ٻارڙي پريا ڪماري ۽ جعفر ڀٽو جي بازيابي لاءِ جي ڊبليو سي جي مرڪزي سڏ تي ڄامشورو ۾ ساڃاهه وندن ڀرپور موٽ ڏيندي زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو. شهر جي مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي. ريلي جي اڳواڻي جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، شوڪت نوناري، سينيئر صحافي ظفر هڪڙو، اسماعيل باريجو، فهد جانوري، مير مرتضى نوحاڻي، رحيم بخش بلوچ، سهيل جويو ۽ ٻين ڪئي، ريلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي استادن، شاگردن، ملازمن، سول سوسائٽي، سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن، وڪيلن، شاگردن، صحافين، واپارين توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي مک چوڪ وٽ پهتي ته جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري شوڪت نوناري، ظفر هڪڙو، فهد جانوري، ڪائونسلر حاجي الهورايو ڀلائي، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو جث صدر عرفان برفت، شهري ايڪشن ڪميٽي چيئرمين ربنواز ابڙو، دربان عالماڻي، دڪاندار اتحاد جي صدر رحيم جمالي، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ سليمان ڀلائي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته قيبلائي جهيڙن جي ور چڙهيل سنڌ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي روشن مستقبل ۽ شعور جو قتل آهي، ٺل ۾ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ شهيد ڪيل نوجوان صدام لاشاري جو ڏوهه صرف اهو هو ته منشيات ۽ فحاشي جي اڏن جي نشاندهي ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close