پاڪستانسنڌ

شاگردياڻي اغوا الزام هيٺ آيل مولوي جي ڳوٺ جو گهيرو، ڌرڻو

مٺي/ ٽنڊوباگو:ٽنڊوباگو مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل 16 سالن جي مدرسي ۾ پڙھندڙ شاگردياڻي شهلا ملاح کي واپس موٽرائڻ لا سندس ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ وارثن ۽ برادري جا ماڻهو لٺين ۽ ڪهاڙين سان اغوا الزام هيٺ آيل مولوي جي ڳوٺ روهيلو ساند پهچي ويا، جتي هنن مٺي-بدين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. نينگري جي قيد هجڻ جي اطلاع تي وارثن ڪيترائي ڪلاڪ مدرسي جو گهيرا ڪيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ کانپو پوليس جا وڏا اٽالا ڳوٺ روهيلو پهچي ويا، پوليس ٻنهي ڌرين کي گڏ ويهاري معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، مولوي جي مائيٽن نينگري جي واپسي لا 24 ڪلاڪن جو وقت گهري پوليس ۽ وارثن کي خاطري ڪرائي، جنهن بعد شاگردياڻي جي وارثن گهيرو ختم ڪيو. ان موقعي تي حنيف ملاح، شاهنواز ملاح، مولوي يعقوب ملاح ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسانجي نينگري شهلا ملاح نابالغ آھي، جنهن کي مدرسي جي مولوي مير محمد ساند زبردستي اغوا ڪري پنهنجي ڳوٺ روهيلو ۾ قيد ڪيو آھي، نينگري واپس نه ٿي ته واپس نه وينداسين. ھنن چيو ته مدرسي جي مولوي 16 سالن جي نابالغ شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ بعد پسند جي شادي جو ڪوڙو ڍونگ رچايو آھي، اسان نينگري جي ڳوٺ ۾ قيد هجڻ واري اطلاع تي پهتا آھيون، مولوي جي وارثن اسان مٿان هوائي فائرنگ ڪري ڀڄائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مٺي پوليس انهن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لا تيار ناهي، مولوي جي وارثن چڱن ماڻھن پوليس جي موجودگي ۾ اسان کي 24 ڪلاڪن اندر نينگري واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي، ان ڪري اسان واپس وڃون ٿا، نينگري واپس نه ملي ته ٻيهر ڳوٺ جو گهيرا ڪنداسين. ٻئي طرف اغوا جي الزام هيٺ آيل مولوي جي وارثن چيو ته مولوي مير محمد جي شھلا ملاح سان شادي جي خبر ناهي، اها به ڄاڻ ناهي ته مير محمد ڪيڏانهن نڪري ويو آھي، ملاحن واري ڌر اسان جي ڳوٺ جو غلط طريقي سان گهيرو ڪيو، نينگري اغوا ٿي آھي ته ان جو ڪيس داخل ڪرائي قانوني طريقي سان ڪاروايون ڪرايون وڃن، اسان جي ڳوٺ تي لٺين ۽ ڪهاڙين سان ماڻھن پاران ڪاهه ڪرڻ ڪهڙو قانوني طريقو آھي، مير محمد ساند ڳوٺ ۾ موجود ناهي. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته ڌرين کي معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي راضي ڪيو آھي ۽ جهيڙي کان روڪيو آهي. ٻئي طرف ٽنڊي باگي ۾ ڳوٺ ڇٽو ملاح مان 3 ڏينهن اڳ مدرسي جي مولوي مير محمد ساند طرفان 16 سالن جي شاگردياڻي شهلا ڌيءَ محمد حنيیف ملاح کي کڻي فرار ٿيڻ خلاف ڇوڪري جي مائٽن حنيیف ملاح ۽ شاھنواز ملاح جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button