سنڌ

سنڌ جون سياسي ڌريون گڏجي نٿيون سگھن، ڪيئي سبب آهن:قادر مگسي

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته منور ھاليپوٽو پرڏيھه ۾ سنڌ جو آواز آھي ۽ سنڌ جو ڪيس عالمي فورمن تي وڙھيو آھي، سنڌ جا سياسي ڪارڪن پڙھن ڪو نه ٿا، ان ڪري انھن کي ڪا خبر ناھي، اھي سوشل ايڪٽيوسٽ ٿي ويا آھن. سياسي ڪارڪن سياسي ادب پڙھن، عالمي شخصيتن جي زندگين کي پڙھن. اهڙو اظهار هن حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سربراھھ ڊاڪٽر منور ھاليپوٽي جي انگريزي ۾ لکيل آتم ڪٿا واري ڪتاب”سنڌ اسٽرگل: اسٽوري آف ماءِ لائيف” جي مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻين مسئلن کانسواءِ اهو مسئلو به آهي ته ماڻهو پڙهن گهٽ ٿا، رڳو روز اخبارون پڙهڻ به پڙهڻ ناهي، پر ان کان اڳتي وڌڻ گهرجي، سياست کي سمجهڻ جي لاءِ پڙهڻ ضروري آهي، جنهن ماڻهو نه ڪا سياسي جدوجهد ڪئي ۽ نه ئي ڪي تڪليفون ڏٺيون اهو ماڻهو ٿورو دٻاءُ اچڻ تي پوئتي هٽي وڃي ٿو ۽ هڪ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کانپوءِ گم ٿيو وڃي، جيڪو وقت فيس بوڪ کي ڏجي ٿو ان جو اڌ وقت پڙهڻ کي ڏجي ته ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو. ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر يوسف لغاري چيو تھ منور هاليپوٽي کي سنڌ ۾ ڪيترائي دفعا گرفتار ڪيو ويو پر برطانوي شھري ھئڻ سبب ھو مسنگ پرسن ٿيڻ کان بچي ويو، منور ھاليپوٽو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهي، سنڌ جي سياسي ڌرين کي گڏائڻ لاءِ ورتل ڪوششن کي آئون ساراھيان ٿو، منور ھاليپوٽو جو ھي ڪتاب انساني حقن، ٻارڙن، عورتن جي حقن ۽ مسنگ پرسن جي آزادي لاءِ گائيڊ بوڪ پڻ آهي. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڊاڪٽر منور هاليپوٽو هن ڪتاب تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، ون يونٽ کان ويندي سنڌ جي سمورين قومي تحريڪن تي ھن تفصيلي طور لکيو آھي، ڊاڪٽر منور هاليپوٽو سنڌ کان ٻاھر رھي ڪري ھو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ جدوجھد ڪري رھيو آھي، هن سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ جي بنياد تي سنڌ جو ڪيس انگريزي ۾ هڪ ڊرافٽ جي صورت ۾ طاقتور انداز سان تيار ڪري دنيا آڏو رکيو آھي. هن چيو ته سنڌ جون سياسي ڌريون ڪيترن ئي سببن جي ڪري گڏجي نٿيون سگھن، منور هاليپوٽو سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو ۽ سنڌ دوست سياسي ڌريون گڏجڻ تي اتفاق ڪن ٿيون ته آئون بغير ڪنهن عهدي ۽ ليڊرشپ جي لالچ جي پٺين ڪرسين تي ويھي بھ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آھيان. نامياري دانشور مشتاق ميراڻي چيو تھ ڊاڪٽر منور هاليپوٽو پاڪستان سميت عالمي سطح تي اھو واضح ڪري ڇڏيو تھ پاڪستان ۾ شامل قومن کي پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهن، ڇو تھ حق خوداراديت وارو اصول عالمي طور تي مڃيل آھي. سينيئر صحافي خالد کوکر چيو ته ڊاڪٽر منور هاليپوٽو اهو سيکاريو ته توهان ڪٿي به هجو اتي پنهنجي وطن ۽ ان جي ماڻهن لاءِ جيڪو ڪري سگهو ٿا اھو ضرور ڪريو، ڊاڪٽر منور هاليپوٽي سنڌ جو ڪيس عالمي فورمن تي وڏي بھادري سان پيش ڪيو آھي. ڊاڪٽر منور هاليپوٽي ڳالهائيندي چيو تھ سنڌ جي اصلي ڏھھ ھزار سالن جي تاريخ نٿي لکي وڃي، اسان جي سنڌ جي ڏھھ ھزار سالن جي تاريخ آھي، انساني حق ڌرتي ڌڻين جا حق آھن، جن کي ھر فورم تي مڃيو ويو آهي، ھر عالمي فورم تي سنڌ جا حق جائز قرار ڏنا ويا آھن، سنڌ جي ڪيس کي يورپ ۾ تسليم ڪيو ويو ۽ ڪنھن به مخالف نه ڪئي. ھن چيو تھ ڪالاباغ ڊيم، سنڌ جي گئس ۽ پاڻي جو ڪيس عالمي سطح تي پھچايو آھي، سنڌ جو ڪيس ھر وقت عالمي برادري وٽ موجود رھندو. مهورتي تقريب کي وڪيل فقير رحمت الله هيسباڻي، غلام شاھھ ۽ سليمان جي ابڙو پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button