سامونڊي طوفان جي امڪاني خطري سبب سجاول ضلعي جي ساحلي پٽي تي مهاڻن ٻئي ڏينهن به ماهيگيرن هوڙا ڪنارن تي بيهاري ڇڏيا، سامونڊي ويرن جو پاڻي معمول کان وڌڻ لڳو، مٽي جي طوفان جي رفتار به وڌي وئي آهي. سامونڊي طوفان بابت وارننگ ملڻ بعد شاهبندر ۽ کاروڇاڻ ۾ سامونڊي ويرن جي پاڻي معمول کان وڌي رھيو آھي، تيز ھوائون وڌيڪ گھلڻ لڳيون آھن. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر شاهبندر ارسلان طارق ماهيگيرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لا مختلف گاڏين جو بندوبست ڪيو هو. ماهيگيرن موجب هر ڀيري ايمرجنسي وقت اسان کي پنهنجي گهرن مان اٿاري ڪئمپن ۾ ويهاري دربدر ڪيو ويندو آھي، جتي ڪابه سهولت موجود ناهي هوندي جنهن ڪري اسين پنهنجا اجها ڇڏي نٿا وڃي سگهون، اسان کي گھربل سھولتون نٿيون ملن. هوڏانهن ڳوٺ حاجي ابراهيم جت ۾ وڏي وزير جي بريفنگ جو پروگرام رٿيل هو جتي مختلف ڳوٺن محمد بقادار جت، وريو جت، حاجي ابراهيم جت ۽ ڳوٺ حاجي ربو ملاح جي رهواسين ۽ ماهيگيرن کي گڏ ڪيو ويو هو پر وڏو وزير نيوي بيس تي بريفنگ وٺي ھيليڪاپٽر تي واپس ڪيٽي بندر هليو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close