سنڌ

بدين جي سامونڊي پٽي مان لڏپلاڻ، 200 خاندان گولاڙچي رلیف ڪئمپ ۾ پهچي ويا

بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي، ڳوٺ شيخ ڪريو ڀانڊاري، گولو منڌرو، صديق ملاح، ڳوٺ حاجي حجام ۽ ٻين ڳوٺن مان 200 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا پنهنجا گهر خالي ڪري رليف ڪئمپن ۾ پهچي ويا آهن. طوفان جي خطري سبب ڀڳڙا ميمڻ ۾ به هڪ رليف ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي خاندان بدين، گولاڙچي ۽ سيراڻي شهرن ۾ ترسيل آهن، اڪثر ڳوٺن جي رهواسين طوفان جي خطري باوجود پنهنجا اباڻا ڪک نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رهواسين انتظاميا کي جواب ڏيندي چيو ته رليف ڪئمپن ۾ ڪي به سهولتون نه ملنديون، تنهن ڪري اسان پنهنجا گهر ڇڏي ڪئمپن ۾ نه هلنداسين. هوڏانهن سامونڊي طوفان اچڻ جي خطري سبب گولاڙچي جي ساحلي پٽي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ٿي ويون ۽ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع ٿي وئي، مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ساحلي پٽي جا 200 کان مٿي خاندان لڏپلاڻ ڪري پهچي ويا آهن. سامونڊي پٽي جي ماهيگيرن من ملاح، رمضان ملاح، عثمان ملاح ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن پهرين رينجرز وارن اطلاع ڏنو هو ته سمنڊ ۾ نه وڃو، اڄ اسسٽنٽ ڪمشنر اسان کي هتان منتقل ڪرڻ لا ٽريڪٽر ٽراليون کڻي آيو آهي. هنن چيو ته هينئر سمنڊ جي حالت ساڳي 1999 جهڙي ٿي وئي آهي، ساڳئي نموني هوائون لڳن پيون ۽ سمنڊ به موج ۾ ۽ صورتحال خراب آهي. هنن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر 2000 گهرن ۽ 10 هزار کان مٿي ماڻهن کي گولاڙچي جي مونو ٽيڪنڪل ڪاليج ۽ آرمي ڪاليج ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪري منتقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جيڪي ماهيگير مڇي مارڻ لا ويل هئا اهي اطلاع تي واپس اچي ويا آهن، باقي اسان جا 500 کان وڌيڪ هوڙا سمنڊ ڪناري بيٺل آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر شاهد مسعود ٻڌايو ته ماهيگيرن کي طوفان بابت آگاهه ڪيو هو، هاڻ اسين کين رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪري رهيا آهيون. ٻي طرف امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جا جوان پڻ بدين پھچي ويا آهن ۽ ڪنھن به ھنگامي صورتحال ۾ انتظاميا جي مدد ڪرڻ لا الرٽ آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button