پاڪستانسنڌ

سامونڊي طوفان سبب شهري احتياط ڪن ۽ غير ضروري گهرن مان نه نڪرن:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتًضيٰ وهاب چيو آهي ته ساموندي طوفان سبب شهري احتياط ڪن، غير ضروري گهرن مان نه نڪرن، سنڌ حڪومت جا سمورا ادارا فعال ۽ آن بورڊ آهن، ڏکيائين باوجود شهر مان ڊگها سائن بورڊ لاٿا پيا وڃن، جڏهن ته نالن جي صفائي سٿرائي جو ڪم به ٿي رهيو آهي. سامونڊي پٽي جي وسندين کي محفوط هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مرتصيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته صبح سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو آهي. ابراهيم حيدري تي موجود ماڻهن جي محفوظ هنڌن تي منتقلي اهميت آهي، اسان جو مقصد ماڻهن کي بچائڻ آهي، ميڊيا ماڻهن کي قائل ڪري ته ماڻهو انتظاميه سان ساٿ ڏين، گهرن کي ڇڏي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين. ميڊيا ذهن سازي ڪري، شهري در ۽ دروازن کي بند رکن. هوا ٺٽو، بدين طرفان لڳي رهي آهي، ماڻهو غير ضروري طور تي ٻاهر نه نڪرن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button