پاڪستانسنڌ

بلديات کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو، آفيسرن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون

مڪاني اداري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه بائيپر جوائي کي نظر ۾ رکندي بلديات کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، ڪي ڊي اي، ڊي ايم سيز، ڪي ايم سي جي آفيسرن ۽ عملي جون هنگامي ڊيوٽيون لڳائي ڇڏيون آهن. صوبائي وزير پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته شهر مان بل بورڊز ۽ پينل هٽائڻ واري ڪم سميت ڊي ايڇ اي ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊز انتظاميا جي ماتحت علائقن مان بل بورڊز هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، پنڌ هلندڙ پلن ۽ فلائي اوور تي لڳل پئنلن کي پڻ هٽائڻ جون خاص هدايتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ڊي ايم سيز ۽ واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جا عملدار نيڪال سسٽم کي جاري رکڻ لاءِ انتظام ڪري رهيا آهن ۽ برساتي نالن جي صفائي پڻ ڪئي پئي وڃي. شهر جي حساس هاٽ اسپاٽس کي ڪليئر ڪيو پيو وڃي ۽ شهر ۾ مختلف هنڌن تي پاڻي نيڪال ڪرڻ جا پمپ لڳايا ويا آهن. هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته شهري احتياط ڪن ۽ خميس ۽ جمعي ڏينهن غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button