ڪور ڪمانڊر ڪراچي امڪاني ساموندي طوفان بائيپر جوائي جي سلسلي ۾ بدين ۾ هنگامي ڪانفرنس ڪئي. تفصيل مطابق ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار رات دير سان امڪاني سامونڊي طوفان بائيپر جوائي جي سلسلي ۾ بدين ۾ هنگامي ڪانفرنس ڪئي. ڪانفرنس ۾ موجود ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ جي او سي حيدرآباد سميت فوجي ۽ سول ادارن جي ذميوارن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل ذميوارن ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي مڪمل بريفنگ ڏني. ڪور ڪمانڊر بروقت تياريون ڪرڻ تي اطمينان ڏيکاريو ۽ هدايت ڪئي ته امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. ڪور ڪمانڊر ڪراچي ٻڌايو ته هن وقت تائين پاڪ فوج جا جٿا ريسڪيو لاءِ مختلف هنڌن تي پهچي چڪا آهن، هن ڏکي صورتحال ۾ طوفان سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. ٻئي پاسي ڊي سي بدين آغا شاهنواز خان چيو ته سامونڊي طوفان جو پاڪستان ڏانهن مفاصلو گهٽ ۽ خطرو وڌي ويو آهي. سامونڊي پٽي جي ڳوٺن ۽ مهاڻن جي آبادين مان ماڻهن جو نڪرڻ رات دير تائين جاري رهيو. سامونڊي آبادي جو نڪرڻ ۽ متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو. سرڪاري عمارتن ۽ محفوظ هنڌن تي مقامي ماڻهن کي منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪ آرمي رينجرز ۽ سرڪاري آفيسر ۽ ملازم آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ منتقل ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close