پاڪستانسنڌ

بلاول ڀٽو زرداري جي عوام کي حفاظتي اپاءُ وٺڻ ۽ سهڪار ڪرڻ جي اپيل

پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ساموندي طوفان سبب عوام کي حفاظتي اپاءُ وٺڻ ۽ انتظاميا سان سهڪار جي اپيل ڪئي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان مطابق پي پي چيئرمين چيو ته موسمياتي رپورٽ مطابق ساموندي طوفان بائيپر جوائي کان ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي پٽي کي خطرو آهي. سنڌ حڪومت ساموندي طوفان سبب انتظام ڪري ڇڏيا آهن، هر ممڪن حفاظتي قدم کنيا پيا وڃن. عوام جي حفاطت لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، عوام خاص ڪري ساموندي علائقن جا ماڻهو انتظاميا سان تعاون ڪن ۽ بنا دير حفاظتي هنڌن تي منتقل ٿين. هن زور ڀريو ته پراڻي ۽ زبون عمارتن ۾ رهيل شهري به محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين. هن مهاڻن کي به اپيل ڪئي ته ماحول معمول تي اچڻ تائين اهي ايندڙ ڪجهه ڏينهن لاءِ سمنڊ ۾ نه وڃن. طوفاني برسات دوران سفر کان پاسو ڪيو وڃي، سمورن حفاظتي اپائن تي عمل ڪرڻ ئي قدرتي آفت جي نقصان کان بچڻ جو رستو آهي. پ پ چيئرمين پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي به هدايتون ڏنيون ته اهي امدادي ڪمن ۾ انتظاميا جو هٿ ونڊائين. سامونڊي علائقن سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبر پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ موجود رهي عوام سان رابطي ۾ رهن. هن چيو ته پ پ سک هجي يا ڏک، عوام سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي هر ڪنڊ ۽ هر پاڪستاني کي قدرتي آفتن کان محفوظ ۽ پنهنجي پناهه ۾ رکي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button