پاڪستانسنڌ

سامونڊي پٽي جي طوفان متاثرن ۾ راشن ورهائينداسين:گورنر سنڌ

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته طوفان سبب هنگامي قدم هر صورت يقيني بڻايا پيا وڃن، سمنڊ ۽ سامونڊي پٽي تي روزگار سان لاڳاپيل ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، سندن گهرن جا چلها اجهامي چڪا آهن، ان لاءِ متاثرن کي هڪ مهيني جو راشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 15 هزار کان وڌيڪ متاثرن کي راشد بيگ ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، گورنر چيو ته سامونڊي پٽي جي متاثرن لاءِ 10 هزار راشن بيگ ورهائڻ لاءِ قدم تيزي سان کنيا پيا وڃن، گورنر هائوس مان متاثرن کي هڪ مهيني جو راشن ڏنو ويندو، 5 هزار متاثرن جو روزگار ختم ٿي ويو آهي، انهن کي کاڌو به فراهم ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن سامونڊي پٽي جو هڪ به گهراڻو راشن کان محروم رهيو ته اهو گورنر هائوس سان رابطو ڪري وٺي سگهي ٿو، ان لاءِ ان کي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو، سڃاڻپ ڪارڊ تي سامونڊي پٽي جي ايڊريس هوندي ۽ ان ايڊريس کي ڏسي راشن ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button