اسلام آبادپاڪستان

طوفان سبب هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ڪنهن قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اربع تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سامونڊي طوفان بپرجوائي جي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائڻ جي امڪانن سبب سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا ماڻهن جي اڳواٽ ريسڪيو يقيني بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حفاظتي هنڌن تائين پهچايو وڃي جتي کين پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ سان گڏوگڏ طوفان ختم ٿيڻ تائين بهترين رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته بپرجوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موسمي تبديلي جي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ڪميٽي ۾ لاڳاپيل وفاقي وزيرن ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا نمائندا شامل آهن، جيڪي لاڳيتو هن طوفان جي نگراني ڪري ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 24 ڪلاڪ رابطا بحال رکندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ به برساتن ۽ تيز هوائن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال لاءِ تياري ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سمنڊ مان ماهيگيرن ۽ سامونڊي علائقن تي آباد ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. الله تعاليٰ هن قومي ڪوشش سان اسان کي پنهنجي شهرين کي هن طوفان جي نقصانن کان محفوظ رکندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button