اسلام آباد : قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته فوجي عدالت ۾ جوابدار کي شفاف ٽرائل جو مڪمل حق حاصل هوندو. جڏهن ته ملٽري ڪورٽ جي فيصلي خلاف اعليٰ عدالتن ۾ اپيل به داخل ڪري سگهبي. اسلام آباد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير چيو ته فوجي عدالتن ۾ ڪيسن جي حوالي سان عالمي معاهدن تي عمل ڪيو ويندو، فوجي عدالت ۾ جوابدار کي شفاف ٽرائل جو حق حاصل هوندو. هن چيو ته فوجي عدالت ۾ جوابدار کي مرضي جو وڪيل ڪرڻ ۽ پنهنجي دفاع ۾ شاهديون ۽ ثبوت فراهم ڪرڻ جو حق هوندو، اڃا تائين ڪنهن عورت جو ڪيس فوجي عدالت ڏانهن ناهي اُماڻيو، جڏهن ته فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف اعليٰ عدالتن ۾ اپيل جو به حق حاصل هوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close