پاڪستانسنڌ

ميئر ڪراچي جي چوند ۾ پ پ سوڀاري، جماعت اسلامي کي شڪست، ڪارڪنن ۾ چڪريون، پٿرا

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ميئر جي چونڊ جي غيرسرڪاري نتيجي مطابق پاڪستان پيپلزپارٽي جو مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جماعت اسلامي جو حافظ نعيم الرحمان ٻئي نمبر تي رهيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جو ئي سلمان عبدالله مراد 173 ووٽ کڻي ڪراچي جو ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو. ميئر جي چونڊ کانپوءِ آرٽس ڪائونسل ٻاهران جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون. پوليس اهلڪارن تي به پٿرا ڪيو ويو. پي پي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اطلاعات وزير شرجيل انعام ميمڻ مرتضيٰ وهاب کي ميئر چوندجڻ تي مبارڪون ڏنيون. خبر موجب پي پي جو مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو آهي. پي پي جي ميئر ڪراچي جي اميدوار مرتضيٰ وهاب لاءِ شو آف هينڊز ڪرايو ويو. جنهن کانپوءِ کيس ووٽ ڏيندڙن جي ڳڻپ ڪئي وئي، جنهن بعد حافظ نعيم الرحمان لاءِ ووٽنگ عمل مڪمل ٿيو.

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق مرتضيٰ وهاب کي 173 ۽ حافظ نعيم الرحمان کي 160 ووٽ مليا. ووٽنگ دوران پي ٽي آئي جي ميمبرن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ٿيون، جنهن ۾ سندن چوڻ هو ته کين ووٽنگ لاءِ اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. ميمبرن پهريان شو آف هيندز جي ذريعي مرتضيٰ وهاب لاءِ ووٽ ڏنو. جنهن کانپوءِ حافظ نعيم لاءِ ووٽنگ ٿي. ڪي ايم سي جي ڪل 366 ميمبرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو هو. جڏهن ته 332 ميمبر آرٽس ڪائونسل پهتا. 34 ميمبر ووٽ وجهڻ لاءِ نه آيا. پي ٽي آئي جا 30 کان وڌيڪ ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نه اچڻ تي جماعت اسلامي چونڊ عمل تي اعتراض اٿاريو ۽ 33 غير حاضر ميمبرن کي پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اليڪشن ڪميشن اعتراض نوٽ ڪري ورتو. جڏهن ته چونڊ عمل جاري رهيو، ووٽنگ لاءِ پي ٽي آئي جا 3 گرفتار يوسي چيئرمين فردوس شميم نقوي، ملڪ محمد ۽ محمد فراز کي به پروڊيڪشن آرڊر تي آرٽس ڪائونسل آندو ويو هو. ساموندي طوفان جي خطري سبب آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم کي اليڪشن ڪميشن پاران پولنگ اسٽيشن قرار ڏنو ويو هو. جتي ووٽنگ لاءِ ميمبر صبح جو 9 وڳي کان اچي رهيا هئا ۽ مختلف وقتن ۾ 300 کان وڌيڪ ميمبرن کي پولنگ اسٽيشن پهچڻ کانپوءِ آڊيٽوريم جا دروازا بند ڪيا ويا. پاڪستان جي سڀ کان وڏي ميٽروپوليٽن شهر جي مقامي حڪومت جي واڳ سنڀالڻ لاءِ پي پي ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو.

ٻئي پاسي ميئر جي چونڊ کانپوءِ آرٽس ڪائونسل ٻاهران جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون شروع ٿيون، ان دوران پوليس تي به پٿراءُ ڪيو ويو. جڏهن ته گاڏين جا شيشا به ٽوڙيا ويا، ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ تي پوليس ۽ رينجرز جا واڌو اٽالا گهرايا ويا، جنهن کانپوءِ پوليس لٺبازي ڪئي، جنهن سبب ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ڪارڪنن وچ ۾ ٿيل جهيڙي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي رٽرننگ آفيسر نذر عباس مطابق پيپلزپارٽي جو مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عبدالله ڪراچي جي ڊپٽي ميئر جي سيٽن تي ڪامياب ٿي ويا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي رٽرننگ آفيسر نذر عباس چيو ته اڄ خاص ڏينهن هو، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ٿي سمورين پارٽين پاران صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪريان ٿو. سمورن اميدوارن خوشگوار ماحول ۾ ووٽنگ جو عمل ڪرايو. پ پ اميدوار مرتضى وهاب 173 ووٽ کنيا، مرتصيٰ وهاب ميئر جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان کي 160 ووٽ مليا، پيپلزپارٽي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد به 173 ووٽ کنيا، جماعت اسلامي جي سيف الرحمان کي به 160 ووٽ مليا، 32 ميمبر غيرحاضر رهيا، 31 جو تعلق پي ٽي آئي ۽ هڪ جو ٽي ايل پي سان هو. فردوس شميم نقوي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button