سنڌ

جاتي ۾ سوين ماڻهو ڳوٺن ۾ موجود، گولاڙچي ۾ وڌيڪ 2000 ماهيگير ڪئمپن ڏانهن منتقل

گولاڙچي جي ساحلي پٽي واري علائقي زيرو پوائنٽ تي ويٺل 2000 ماهيگيرن کي انتظاميا لڏائي سرڪاري ڪئمپن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ساحلي پٽي جي هزارين ماڻهن کي ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي گولاڙچي جي 12 رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. زيرو پوائنٽ تي موجود مختيارڪار گولاڙچي ديدار نهڙيو ۽ ڊي ايس پي عبدالرحيم خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار جي ڪوشش آهي ته ساحلي پٽي جي ڪنهن به متاثر کي گهرن ۾ اڪيلو نه ڇڏجي. هوڏانهن لڏپلاڻ ڪندڙ خميسو ملاح، عرس، وڪيو ملاح ۽ ٻين صحافين سان ڳالهيندي چيو ته 1999ع ۾ به حڪومت اسان جي ڪا سار سنڀال نه لڌي هئي پر هن وقت بپر جوائي طوفان جي ڊپ کان پنهنجا مال متاع ڇڏي ڪئمپن ۾ اچي آباد ٿيا آهيون، سنڌ سرڪار جو ته آسرو گهٽ آهي باقي الله ۾ آسرو آهي، اهو ئي مدد ڪندو. هوڏانهن جاتي ۾ انتظاميا جي نااھلي سبب ساحلي پٽي جي يوسي گل محمد ٻارڻ، ڪڙملڪ ڪوٺي جي درجن کان وڌيڪ ڳوٺن جا ماڻھو محفوظ ھنڌن تي منتقل نه ٿي سگھيا آھن، ڪالهه طوفاني ھوائن ۾ اضافو ٿيڻ ڪري رهواسين ۾ خوف پکڙيل رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button