خطرناڪ سامونڊي طوفان بپر جوائي سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب ڪيٽي بندر، حجامڙو ڪريڪ، شيخاڻي گهاڙي، شاهبندر ۽ ٻيا ساحلي علائقا پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن، ان کان اڳ شام ڌاري طوفان ڀارت ۾ گجرات جي ڪڇ ضلعي جي جکائو پورٽ ۽ سوراشٽر سان ٽڪر کاڌو، رات دير سان سامونڊي طوفان جي سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو عمل شروع ٿي ويو، جنهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪن جو وقت لڳي سگهي ٿو. سامونڊي فوج طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سامونڊي طوفان بپر جوائي جو سنڌ جي ساحلي ڪناري سان ٽڪرائجڻ جو عمل رات دير سان شروع ٿي ويو، جنهن سبب ڪيٽي بندر ٻڏي ويو، جڏهن ته حجامڙو ڪريڪ، شيخاڻي گهاڙي، شاهبندر ۽ ٻيا ساحلي علائقا به پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن، سامونڊي طوفان جو شروعاتي حصو ڀارت ۾ گجرات جي ڪڇ ضلعي جي جکائو پورٽ سان ٽڪرايو هو، جنهن جي اک يا مرڪز 50 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل هو، تنهن ڪري طوفان کي ڪراس ڪرڻ ۾ وقت لڳو. سامونڊي طوفان بپر جوائي شام جو لڳ ڀڳ ساڍي 6 وڳي ڀارتي رياست گجرات جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرايو آهي، طوفان سان گڏ 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون به هلنديون رهيون. پاڪستان نيوي مطابق بپر جوائي طوفان جو مڪمل حصو سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، شاهبندر، جاتي ۽ بدين سميت ٻيا لاڳاپيل علائقا متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، جتي ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لا پاڪ فوج جا حفاظتي جٿا موجود آهن، جڏهن ته سامونڊي پٽي جي رهواسين کي طوفان اچڻ کان اڳ ئي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب ڪيٽي بندر، ٺٽو ۽ سجاول ۾ هوا جي رفتار تمام تيز ٿي وئي آهي، تيز هوائن سبب ڪيٽي بندر ۾ ڪيترائي بجلي جا ٿنڀا ۽ وڻ ڪري پيا، جڏهن ته گهرن جون ڇتيون پڻ اڏامي ويون، شهري آبادي کي وقت سر گهرن مان ٻاهر ڪڍي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ ڪري ڪو به جاني نقصان يا زخمي نه ٿيو آهي. پڌرائي موجب طوفان جي مرڪز ۾ هوائون 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلڻ لڳيون آهن، جڏهن ته مرڪز ۽ پاسن کان 30 فوٽن تائين اوچيون ڇوليون پڻ اٿي رهيون آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته بپر جوائي طوفان سبب ڏکڻ اولهندي سنڌ جي ضلعن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان آهي، بدين، سجاول، ٺٽو، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعا طوفاني هوائن ۽ وسڪاري سبب متاثر ٿي سگهن ٿا. ان کان اڳ ڪالهه به حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، ڄامشورو، سانگهڙ، شهيد بينظيرآباد ۽ ڪيٽي بندر ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان وسڪارو پيو. هوڏانهن موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان جي جي رفتار گهٽجي 6 کان 8 ڪلوميٽر ٿي وئي آهي، جڏهن ته طوفان جي شدت ۾ هڪ درجو گهٽتائي آئي آهي. موسميات کاتي موجب ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي تي 6 کان 8 فوٽن تائين ڇوليون اٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري سنڌ ۽ مڪران جي ساحلي علائقن ۾ ماهيگير 17 جون تائين سمنڊ ۾ نه وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close